اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي جو پارليامينٽ هلي پئي آهي، ٽي ڏينهن تائي?? جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سٺو ن?? ڏٺو ويندو. وزيراعظم عمران خان 5 سال پورا ڪندو، ضلعي انتظاميه ۽ پولي?? اسلام آباد کي مثالي شهر بڻائي طاقتورن کي پڪڙن، ملڪ جو اصل ??سئلو هي آهي ته صرف غريب ئي قانو?? جي پڪڙ ۾ اچي ٿو. گذريل ڏينهن ايگل اسڪواڊ جي فليگ مار?? جي تقريب جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد پوليس ۽ ضلعي انتظاميه گادي واري شهر کي مثالي شهر بڻائي اسلام آباد کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي، آئس ۽ هيروئ?? جي وڏن وڏن ڊيلرن ۽ ريڪٽس کي پڪڙيو وڃي، قانون صرف غريبن خلاف حرڪت ۾ نه اچي، ملڪ جو اصل ??سئلو اهو ئي آهي ته غريب قانو?? جي گرفت ۾ اچي وڃي ٿو، جڏهن ته وڏن ماڻهن خلاف ??ارروائي نٿي ٿئي.