اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ ايسوسيئيٽيڊ پ??يس آف پاڪستان (اي پي پي)، پاڪستان ٽيلي ويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ڊجيٽل ميڊي?? ونگ سميت رياستي ميڊيا ادارن جي ڊجيٽلائيزيشن جو افتتاح ڪندو، ان حوالي سان تقريب پاڪ چائنه سينٽر ۾ منعقد ٿيندي.
اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت پاران شروع ڪيل اسٽيٽ ميڊيا ڊجيٽل ٽرانسفارميشن پراجيڪٽ ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز سان گڏوگڏ اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت جي اشتهارن جي ڊجيٽلائيزيشن به شامل آهي. خبرن ۽ ٻين خدمتن جي ڊجيٽلائيزيسن جي عمل سان صارفين ۽ ??وا?? کي خبرن تائين تيز ترين ۽ آسان پهچ حاصل ٿيندي.
اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين جي ذاتي دلچسپي ۽ خصوصي ڪوششن سان اطلاعات واري ??زارت جي ڊجيٽلائيزيشن کي فروغ مليو. اهو منصوبو وزيراعظم عمران خان جي ڊجيٽل پاڪستان جي وزن جي روشني ۾ نيشنل ڊجيٽل انفارميشن پليٽ فارم (اين ڊي آءِ پي) جو حصو آهي، تقريب دوران قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پ??يس آف پاڪستان کي ڪوالٽي مينيجمينٽ جي پنهنجي معيارن کي عالمي سطح سا?? هم آهنگ ڪرڻ تي آءِ ايس او:9001:2015 ۽ 27001:2013 سرٽيفڪيٽ به ڏنو ويندو،
انهن سرٽيفڪيٽس تحت اي پي پي حاضر دور جي گهرجن موجب روايتي ميڊيائي ذريعن کان جديد ۽ فعال ڊجيٽل ميڊيا سروس ۾ تبديل ٿيندي ۽ نون رجحانن کي نظر ۾ رکندي ڊجيٽل پليٽ فارم تي مستند خبرن جي فوري ۽ آسان پهچ جي اهم ذريعي جي حيثيت سان پنهنجو چٽاڀيٽي وارو ڪردار وڌيڪ موثر انداز ۾ ادا ڪ??يس گهندي، ڊجيٽلائيزيشن منصوبي تحت اي پي پي پنهنجي صارفين ۽ ??وا?? کي مختلف نوعيت جي خبرن ۽ ڊجيٽل مواد جي فراهمي سان پنهنجي دائري ڪار کي سگهه ڏئي رهي آهي،
اي پي پي جي ڊجيٽل پليٽ فارم جي ذريعي قومي، علائقائي ۽ عالمي نوعيت جي خبرن، تصويرن، وڊيوز تائين ??وا?? جي فوري ۽ آسان پهچ ممڪن ٿيندي ۽ صارفين پنهنجي پسند جي خبرن ۽ سوشل ميڊيا سميت اداري جي مختلف سروسز مان مستفيد ٿي سگهندا، اي پي پي خبرن جي فوري ??هچ ۽ پنهنجي ڊجيٽل آرڪائيوز کي برقرار رکڻ لاءِ جديد ترين ڪمپيوٽرز، سروسز، وڊيو ايڊٽنگ ۽ ٽرانسميشن اوزار استعمال ۾ آڻيندي.