اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، اسان کي افغانستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، دن??ا جي گڏيل ڪوششن سان ئي اسان افغانستان ۾ استحڪام آڻي سگهون ٿا، جيڪو دن??ا جي امن ۽ افغانستان ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي لاءِ انتهائي ض??وري آهي. اها ڳالهه هن ڪيوبا جي نيوز ايجنسي پرسيناليٽينا سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ نائن اليون، نيويارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيندڙ بدترين واقعي جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، افغانستان جي ڪ??اڻ?? 20 سال پراڻي نه آهي پر اها 40 سال پراڻي آهي، 1979ع ۾ جڏهن يو ايس ايس آر ڪابل تي حملي جو فيصلو ڪيو ته هن خطي ۾ هڪ تڪرار جنم ورتو، 1988ع ۾ جنگ ختم ٿي ته اولهه کي افغانستان جي مدد ڪرڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو ۽ پاڪستان کي ان سڄي معاملي ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو. هن چيو ته پنهنجي ڪمزور معيشت جي باوجود اسان اٽڪل 5 ملين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي جڏهن ته پاڪستان جي مدد ڪرڻ بدران پريسلر ترميم ذريعي پاڪستان تي معاشي پابنديون هنيون ويون، ان دور ۾ اسان افغانستان جي هر ممڪن مدد ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته رڳو پاڪستان، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات افغانستان جي مدد ڪئي پر بدقسمتي سان دن??ا افغانستان جي ماڻهن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو جيڪو تباهي جو سبب بڻيو ۽ افغانستان دهشتگرد تنظيمن جو ڳڙهه بڻجي ويو. هن چيو ته نائن اليون واقعي کانپوءِ آمريڪا افغانستان ۾ فوجي آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان دن??ا سان گڏ بيٺل رهيو، اها جنگ هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان جي ماڻهن جي لاءِ تباهي جو سبب بڻي. هن چيو ته 2007ع، 2015ع ۽ 2019ع ۾ اسان بار بار چيو ته افغانستان ۾ فوجي حل بدران سياسي حل طرف وڃڻ گهرجي، بدقستمي سان پاڪستان کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ان جو آواز نه ٻڌو ويو ۽ ??اڻ?? هڪ ڀيرو ٻيهر مشورو آهي ته افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، سڄي دن??ا جي انتهاپسند تنظيمن کي افغانستان ۾ پناهه وٺڻ جي اجازت نه هجي، ان جي لاءِ اسان کي افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي افغانستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، افغانستان ۾ بهادر مردن ۽ عورتن ڊگهي عرصي تائين قربانيون ڏنيون ??اڻ?? وقت اچي ويو آهي ته دن??ا کي انسانيت سان گڏ بيهڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان جي موجوده صورتحال افغانستان ۾ استحڪام جو هڪ موقعو آهي، اسان ڪابل ۾ ڦاٿل پرڏيهي شهرين کي ڪابل مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، پي آءِ اي سوين ماڻهن کي انخلا ۾ مدد فراهم ڪئي، اسان انٽرنيشنل ميڊيا کي نه رڳو ڪابل مان ڪڍيو پر افغانستان ۾ ڪوريج جي لاءِ سفر جي سهولت پڻ ڏني، اسان جي پاليسي آهي ته اسان افغانستان ۾ اٿارٽيز سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان افغانستان جي ماڻهن کي اڪيلو نه ٿا ڇڏڻ چاهيون. هن چيو ته دن??ا جي گڏيل ڪوششن سان اسان افغانستان ۾ استحڪام آڻي سگهون ٿا، جيڪو دن??ا جي امن ۽ افغانستان ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي لاءِ انتهائي ض??وري آهي.