اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معدنيات جو شعبو مجموعي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ آهي، معدنيات جي شعبي جي ترقي لاءِ ليگل فر??م ورڪ جي تياري جي لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ معدنيات جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان فر??م ورڪ جي تياري جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته معدنيات جو شعبو ڀرپور صلاحيت رکندڙ آهي ۽ شعبي ۾ سيڙپڪاري تي پرڪشش منافعو ڪمائي سگهجي ٿو. هن چيو ته معدنيات جو شعبو ملڪ جي مجموعي معاشي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ معدنيات جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان قدمن کي ٺوس بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان هداي ڪئي ته وفاقي ۽ صوبائي ح??ومتن جي وچ ۾ رابطن کي موثر بڻائڻ جيل اءِ جلد کان جلد فوڪل پرسن مقرر ڪيو وڃي ته جيئن معدنيات جي شعبي جي ترقي جي فر??م ورڪ تي عملدرآمد جي موثر نگراني ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته معدنيات جي ترقي جي حوالي سان اهل ۽ تربيت يافته انساني وسيلن مان فائدو ۽ انساني وسيلن جي صلاحيت ۾ بهتري جي حوالي سان عالمي تجربن مان فائدو کنيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته معدنيات جي شعبي جي ترقي جي فر??م ورڪ جي هدفن ۽ مقصدن جو تعين ڪري انهن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي. بئي طرف پيٽروليم واري سيڪريٽري اجلاس کي معدنيات جي ترقي جي حوالي سان تزويراتي منصوبي بابت بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته هن وقت مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ شعبي جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر تزويراتي منصوبي تي موثر عملدرآمد جي ذريعي ايندڙ 15 سالن دوران جي ڊي پي ۾ معدنيات جي شعبي جو حصو 10 سيڪڙو تائين وڌايو و??ندو. منصوبي ۾ وفاقي ۽ صوبائي ح??ومتن جي قدمن کي ٺوس بڻائڻ، فني سهولتن جي فراهمي، ڊيٽا بيس جي ترقي، مالياتي فائدن، انساني وسيلن جي تربيت ۽ قانوني عمل تي خاص ڌيان ڏنو و??و آهي. منصوبي ۾ گهٽ مدي، وچ مدي ۽ ڊگهي مدي وارا هدف مقرر ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت ترين، محمد حماد اظهر، اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، ڊي جي ايف ڊبليو او ۽ وفاقي ۽ صوبائي ح??ومتن جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.