اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان حسب معمول جمع?? جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ?? عملي جمعي نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي خطبي ۾ اسلامي تعليمات جي روشني ۾ معاشرتي بهتري لاءِ نجي ۽ اجتماعي زندگي ۾ خوش گفتار?? جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ??يو ويو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ٻين کي به اظهار راءِ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. حضور اڪرم ﷺ جي سيرت ۽ اخلاق کي اختيار ڪري ئي حقيقي زندگ?? جي منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي. دلين ۾ خير هوندي ته معاشري ۾ به خير ئي پکڙجندو، ان طرح سڄي دنيا ۾ انسانن جي رهنمائي ڪندڙ قوم جوڙي سگهجي ٿي. ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، تر??ي ۽ خوشحال?? جي لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علو?? جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.