اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پوکيءَ جي شعبي ۾ بهتر ٽيڪنيڪ اختيار ڪري فصلن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ٻجن ۽ ڀاڻ جي بهتر معيار جي پيداوار جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي ۾ ??يڙ??ڪاري ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان جي صدار?? ۾ ??لڪ ۾ خريف جي فصلن بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي صنعت وارن صوبائي وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته خريف جي فصلن ۾ ڪپهه، چانور، مڪئي ۽ ڪمند مل?? ۾ ??وکي ويندڙ وڏيون فصلون آهن، حڪومت جي زراعت دوست پاليسين جي ڪري انهن سمورين فصلن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سٺي معيار جي ٻجن ۽ جيت مار دوائن، موثر تحقيق ۽ ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ وڏي ??يڙ??ڪاري ڪري ملڪ ۾ زرعي شعبي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورين فصلن جي پيداوار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.