اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ??جلاس جا ٽي سيشن هوندا، سيڪريٽري جنرل او آءِ سي سميت مهمان ۽ وفد اڄ جمعي تي پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا، شروعاتي ۽ پڄاڻي وارا سيشن اوپن جڏهن ته ورڪنگ سيشن ان ڪئميرا هوندو، اجلاس ۾ اسان افغان وفد کي به گهرايو آهي. روس ۽ آمريڪا به پنهنجي نمائندن کي موڪلڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزارت ۾ ٽي وي اينڪرز ۽ نيوز ايڊيٽرز کي افغانستان جي ??ورتحال ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ??ير معمولي اجلاس جي ??والي سان تفصيلي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين ۽ مملڪتي وزير فرخ حبيب اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان۾ جيڪا تبديلي رونما ٿي ۽ ان کانپوءِ ان تبديلي جي ??والي سان ڪيترائي خدشا سامهو آيا، هن چيو ته اسان جي پاڙيسري ان موقعي مان فائدو کڻڻ لاءِ ”سينڪشن پاڪستان“ جي ميڊيا مهم هلائي، الله جي ڪرم سان ان جو ڪوڙ بي نقاب ٿيو ۽ اسان جي ميڊيا ان ڪوڙ کي بي نقاب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار اد ڪيو، هن وقت افغانستان ۾ معاشي بحران شدت اختيار ڪندو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي معاشي ۽ انساني بحران جي ڪري ??ناهگيرن جي يلغار جو خطرو ٻيهر ڪنڌ کڻي رهيو آهي، پاڪستان 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ??لڪن سان رابطو ۽ مشاورت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اسان گڏيل لائحه عمل جي ??وڙجڪ لاءِ افغانستان جي 6ويجهي پاڙيسري ??لڪن جو فورم جوڙيو، ان فورم جو پهريون ورچوئل اجلاس پاڪستان جڏهن ته ٻيو تهران ۾ ٿيو جڏهن ته ٽيون بيجنگ ۾ متوقع آهي، ان کانسواءِ اسان ماسڪو فارميٽ ۾ پنهنجو موقف ۽ ٽرائيڪا پلس جي فورم جي ??ريعي به افغانستان جي ??ورتحال تي پنهنجو موقف پيش ڪيو. هن چيو ته اسان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ??ير معمولي اجلاس ۾ مسلمان ملڪن سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي ??يجنسيز، پي 5، ۽ اهم يورپي ملڪن جي نمائندن کي به دعوت ڏني وئي آهي، اسان ڪنهن هڪ طبقي جي ڳالهه نه ڪري رهيا آهيون پر لکين افغاني شهرين جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جيڪي هن وقت شدي?? معاشي بحران کي ??نه?? ڏئي رهيا آهن. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته سيڪريٽري جنرل او آءِ سي سميت مهمان ۽ وفد اڄ جمعي تي پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا جڏهن ته 19 تاريخ تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ??جلاس جا ٽي سيشن ٿيندا، شروعاتي ۽ پڄاڻي وارو سيشن اوپن جڏهن ته ورڪنگ سيشن ان ڪئميرا هوندو.