اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مري ۾ ڦاٿل ??يا??ن کي محفوظ هنڌن تائين پهچائڻ لاءِ پاڪ آرمي، ايف سي ۽ رينجرز کي طلب ڪيو ويو آهي، برفباري ۾ ڦاٿل ??يا??ن کي ڪڍڻ لاءِ سڄي رات آپريشن جاري رهيو پر ان باوجود 16 کا?? 19 ماڻهن جي گاڏين اندر موت ٿي آهي، مري ويندڙ س??ورا رستا بند ڪيا ويا آهن، مقامي ماڻهن کي اپيل آهي ته اهي برفباري ۾ ڦاٿل ماڻهن کي خوراڪ ۽ ڪمبل مهيا ڪن. مري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي نگراني ۾ ??يا??ن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته گذريل پندرنهن کا?? ويهه سالن کا??پوءِ شهرين جي هڪ وڏي انگ برفباري جي سيزن ۾ مري ۽ گليات جو رخ ڪيو آهي ?? سڄي رات آپريشن جاري رهڻ باوجود 16 کا?? 19 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. هن ٻڌايو ته آپريشن دوران برفباري ۾ ڦاٿل هڪ هزار گاڏين کي ڪڍيو ويو آهي ۽ شام تائين وڌيڪ هڪ هزار گاڏين کي برفباري مان ڪڍيو ويندو. هن ٻڌايو ته پنجاب حڪومت ۽ اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا طرفان سڄي رات آپريشن جاري رهيو ۽ اڄ پاڪ آرمي، رينجرز ۽ ايف سي جي جوانن کي طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن برفباري ۾ ڦاٿل ??يا??ن کي خوراڪ، گرم ڪپڙا مهيا ڪرڻ سان گڏو گڏ برفباري مان ڪڍي سگهجي. هن چيو ته شهري ٻن ڏينهن لاءِ مري جو رخ نه ڪن ڇو جو آچر جي شام تائين مري ويندڙ س??ورا رستا بند ڪيا ويا آهن.