اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو نيش??ل بئنڪ آف پاڪستان کي فراڊ سبب متاثر ماڻهو کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، نيش??ل بئنڪ فراڊ سبب متاثر شهري کي 5 لک روپين جي رقم لازمي واپس ڪري. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب صدر چيو ته افسوس آهي ته بئنڪ پنهنجي ئي مي??يج?? جي هٿان فراڊ جو نشانو بڻجندڙ صارفين کي انصاف نه ڏئي رهيو آهي، فيصل آباد جي شهري محمد عبدالرشيد بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ وقت 5 لک روپيا بئنڪ مئ??يج?? وٽ جمع ڪرايا، اڳوڻي برانچ مي??يج?? اختر حسين صحيح ۽ ٽپو لڳل رسيد شهري کي ڏني پر رقم اڪائونٽ ۾ جمع نه ڪرائي جڏهن ته 56 شهرين سان فراڊ جي ذريعي 9 ڪروڙ 80 لک روپين جي رقم ڦٻائي وئي، شهري بئنڪ کان رقم واپسي لاءِ رابطو ڪيو پر ڪو به رليف نه ملي سگهيو جنهن تي شهري انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ بئنڪنگ محتسب کي درخواست ڏني جنهن رقم واپسي جو حڪم ڏنو، نيش??ل بئنڪ رقم واپس ڪرڻ جي حڪم جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي هئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بئنڪ مي??يج?? جي صحيح ۽ ٽپو لڳل رسيد ??رس?? آهي ۽ بئنڪ ان جي پابندي جي مجاز آهي، شڪايت ڪندڙ ??رس?? رسيدن تي بئنڪ احاطي ۾ حاضر سروس بئنڪ مي??يج?? کي رقم جمع ڪرائي، بئنڪ مي??يج?? جو قدم بي ضابطگي ۽ بدانتظامي جي زمري ۾ اچي ٿو، صدر چيو ته بئنڪ شڪايت ڪندڙ جي دعويٰ رد ڪرڻ ۽ پنهنجُون قانوني ذميداريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، بئنڪ محتسب جو فيصلو رد ڪرڻ جو ڪو به جواز پيش نه ڪيو ان لاءِ اپيل رد ڪئي وڃي ٿي.