اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته اسان وڏن شهرن جي ت??قي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون ڇو ته وڏا شهر قومي معيشت جي ت??قي جو حقيقي محرڪ آهن، لاڳاپيل عملدار وڏن شهرن جي ترقياتي اسڪيمن جي رستي ۾ ايندڙ ڪاوٽون ختم ڪن. هو وڏن شهرن جي منصوبابندي جي حوالي ??ان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. هن چي?? ته ٻهراڙي جي علائقن کان شهري علائقن ۾ آبادڪاري جي ڪري وڏن شهرن کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن انهن ۾ هائوسنگ، ملازمتن جا موقعا ۽ شهري ضرورتن کي کوٽ ٿي رهي آهي تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته وڏن شهرن جي لاءِ خصوصي ترقياتي پيڪيج تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو وڏن شهرن جي رهواسين کي وڌ کان وڌ رليف پهچائڻ لاءِ مختلف ترقياتي اسڪيمن جي تڪميل جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم يقيني بڻائين. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي، لاهور، ملتان، فيصل آباد، راولپنڊي ۽ گوجرانوالا جهڙن وڏن شهرن جي ت??قي ۽ بهتري جي لاءِ گڏيل رابطا رکن ۽ جامع مهم هلائي وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، صنعت واري وزير مخدوم خسرو بختيار، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.