اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت س??اس?? پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي، ??سان چونڊ سڌارا، عدالت ۽ احتساب جي نظام ۾ سڌارا چاهيون ٿا، جيڪي مخالف ڌر کانسواءِ ممڪن نه آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ قيادت پنهنجي ڪيسن ۾ رليف کانسواءِ ڪنهن ٻي موضوع تي ڳالهه ڪرڻ نٿي چاهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ن ليگ شريف فيملي کي پاڻ کان علحيده ڪري ٿي ته اها مثبت اڳڀرائي ٿيندي، ????اس?? پارٽين کي اخلاقي ۽ مالي ڪرپشن جو شڪار قيادت مٽائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته نواز شريف هر مشڪل وقت ۾ ڪارڪنن کي اڪيلو ڇڏي لنڊن پناهگير ٿي ويو، ا??ڙي ليڊر جي عزت ناهي رهندي.