اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزيوئيف وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري د??ري تي سڀاڻي خميس ڏينهن ??اڪ??تان پهچندو. ازبڪ صدر سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو جنهن ۾ پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ٻيا ميمبر، اعليٰ سرڪاري آفيسر، ڪاروباري ۽ ميڊيا ميمبر شامل هوندا. 2016ع ۾ صدارتي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ازبڪ صدر مرزيوئيف جو ??اڪ??تان جو هي پهريون دورو هوندو. ازبڪ صدر اهڙي وقت ۾ ??اڪ??تان جو دورو ڪري رهيو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جا 30 سال مڪمل ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس موجب دوري د??ران پاڪ ازبڪ اڳواڻ سياسي، واپاري، اقتصادي رابطن، تعليم، ثقافت، سلامتي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا. ان کانسواءِ ٻئي اڳواڻ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڪيترن ئي ٻطرفن معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪندا. وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جي صدر سان ون آن ون ملاقات ڪندو جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل ميڊيا اسٽيڪ آئوٽ ٿيندو. وزيراعظم ازبڪ صدر جي مان ۾ هڪ مانجهاندو پڻ ڏيندو. ازبڪ صدر مرزيوئيف ۽ صدر عارف علوي جي وچ ۾ پڻ ملاقات ٿيندي. ٻئي ڌريون سياسي ۽ اسٽريٽجڪ رابطا وڌائڻ، تيزي سان وڌندڙ واپار، ٽرانزٽ ۽ اقتصادي لاڳاپن، رابطن ۾ اضافي، تعليمي ۽ ثقافتي تعاون جو فروغ، ??اڪ??تان ۽ ازبڪستان ۽ افغانستان کي ڳنڍيندڙ ٽرانس افغان ريلوي پراجيڪٽ جا معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻنهي ملڪن جي اهم واپارين جي وچ ۾ پڻ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ازبڪ صدر جي د??ري کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڄ 2 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جو 7 هون اجلاس ۽ ٻيو جوائنٽ بزنس فورم منعقد ٿيندو. ??اڪ??تان ”ويزن سينٽرل ايشيا“ فريم ورڪ تحت وچ ايشيائي ملڪن سان پنهنجي رابطن کي وڌايو آهي. ان ويزن ۾ سياسي، سفارتي، واپاري، سيڙپڪاري، توانائي ۽ رابطن، سلامتي ۽ دفاع جا شعبا شامل آهن.