اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ا??بڪ??تان جا لاڳاپا نئين ??لندي تي پهچي ويا آهن، سينٽرل ايشيا کي لنگهه ڏيڻ وزيراعظم جو ويزن آهي جنهن سان وچ ايشيائي ملڪن سان لاڳاپا مستحڪم ٿيندا، ا??بڪ??تان جي صدر جو پاڪستان جو دورو خصوصي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا??بڪ??تان جي قومي لباس ۽ ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين مصنوعات جي نمائش جي افتتاح جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ کان اسان ويجهي دوست ملڪ ا??بڪ??تان جي ٽيڪسٽائيل مصنوعات ۽ روايتي لباس جي نمائش منعقد ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ ا??بڪ??تان جو صدر ان نمائش ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ازبڪ صدر پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان جا ازبڪ صدر سان پراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن جو اهم سربراهه ازبڪ صدر پاڪستان اچي رهيو آهي، سندس اهو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ا??بڪ??تان جي سربراهن جو ويزن وچ ايشيائي ملڪن کي لنگهه ڏيڻ آهي جنهن سان ٻطرفي واپار ۽ گڏيل رابطن کي فروغ ملندو. وفاقي وزير چيو ته ا??بڪ??تان سان ٽرين ??وٽ ڳنڍجڻ ۽ اڏامون شروع ٿيڻ سان واپاري لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان ٻئي ملڪ فائدو کڻندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مغل بادشاهه ظهيرالدين ??ابر پڻ ا??بڪ??تان مان آيو هو ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان جا لاڳاپا تاريخي اهميت رکن ٿا. وزيراعظم عمران خان جي ا??بڪ??تان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي دوستي جي نئين سف?? جي شروعات ٿي آهي. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير ازبڪ زراعت واري وزير سان گڏ نمائش جو افتتاح ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ازبڪ سف??رتخاني جا سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نمائش ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.