اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پائيدار حل جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ اضافو ڪري، ڪشميري عوام عالمي ضمير کي ان وقت تائين جن??هو??يندي رهندي جيستائ??ن انهن جي محرومين جو ازالو نه ٿو ٿئي. پرڏيهي وزارت ?? ڄمون ۽ ڪشمير تي منعقد او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي، پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جو حق، آزادي جو نچوڙ ۽ انساني وقار جي لاءِ اهم آهي، بدقسمتي سان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي اڃا تائ??ن ان ناقابل تنسيخ حق تائين پهچ حاصل ناهي ٿي سگهي، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??تي فوج جي غيرقانوني طور تي لهڻ کانپوءِ ڪشميري گذريل 70 سالن کانوڌيڪ عرصي کان انتهائي ڏاڍ ۽ ظلم ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي قانون جي بنيادي اصولن، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي کي منهن ڏيندي ڪشميري عوام عالمي ضمير کي ان وقت تائين جهن??هو??يندي رهندي جيستائ??ن انهن جي محرومين جو ازالو نه ٿو ٿي وڃي، انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون، اخلاقي ڏيوالپڻو ۽ خوفناڪ ظلم اڄ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀا??تي قبضي جي حقيقت کي نمايان ڪن ٿا. 9 لک کان وڌيڪ ڀا??تي فوجين جي موجودگي ڪشمير جي جنت نظير واديءَ کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀا??تي قدمن کانپوءِ رياستي ڏاڍ ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو آهي جڏهن ته وحشياڻي فوجي گهيراءُ، بٽي لاڪ ڊائون ۽ ڪورونا وبا جي ڪري اضافي پابند??ن انهن مصيبتن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي، افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته عالمي قانون ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ڪندي غيرقانوني آبادياتي تبديلين جي ذريعي ڪشمير ۾ مسلمان اڪثريت کي پنهنجي ئي سرزمين ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، هيستائين 4.2 ملين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ اهڙن ماڻهن کي جاري ڪيا ويا آهن جن جو تعلق ڪشمير سان نه آهي. هن چيو ته ڪشميرين جي خلاف ڀارت جي رياستي دهشتگردي انساني حقن جي صورتحال بابت وڌندڙ عالمي خدشن کي وڌيڪ هوا ڏني آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??تي ڏاڍ ۽ ظلم جي شرح ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي خصوصي، آزاد انساني حقن جي مبصرن ۽ عالمي ميڊيا کي والاريل علائقي تائين پهچ ڏيڻ کان مسلسل انڪار ڪري رهيو آهي ته جيئن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ زميني صورتحال جي آزاداڻي جائزي کان بچي سگهي.