اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم ان موقعي تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ووٽ وجهڻ جو عملي مظ??هرو ڪيو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين مان نڪرڻ و??رو ووٽ وجهي به سگهبو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز بريفنگ ڏيندي چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي سافٽ ويئر کي اعليٰ معيار موجب ٺاهيو ويو آهي ۽ ان مشين کي انٽرنيٽ جي ضرورت نه آهي.