اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي ??ي پي) گهرو وزارت آمريڪا، جاپان، فرانس، ج??من?? ۽ برطانيه سميت ٻين 7 ملڪن جي 15 عالمي اين جي اوز کي پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي آهي، انهن اين جي اوز جون پهريان کان پاڪستان ?? آفيسون موجود هيون، انهن اين جي اوز کي انهن متاثر ماڻهن جي مدد، رليف ۽ بحالي جو اين او سي به جاري ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت جي ترجمان اي ??ي پي کي ٻڌايو ته پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن لاءِ ٽير فنڊ (برطانيه)، سڪيور اسلامڪ فرانس (فرانس)، مرسي ڪارپس (آمريڪا)، لائف لائن ڪرسچن ڊولپمينٽ سروسز (ج??من??)، مسلم هينڊز (برطانيه) سي بي ايم اي ڊاٽ وي ڊاٽ (ج??من??)، ترڪي معرف فائونڊيشن (ترڪي)، ڪيٿلڪ رليف س??وسز (آمريڪا)، اي اي آر جاپان (جاپان)، ڪي اين ڪي جاپان (جاپان)کي ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪمن جي اجازت لاءِ گهرو وزارت خميس ڏينهن باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اهي انٽرنيشنل اين جي اوز پهرين کان پاڪستان وٽ رجسٽرڊ آهن، کين صرف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو، رليف، بحالي ۽ امدادي ڪمن لاءِ اجازت ڏني وئي آهي.