جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پاڪس??ان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ وڏي پئماني تي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪس??ان کي ٽن سالن جي مدي ۾ 16.3 ارب ڊالر جي امداد گهربل هوندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اها ڳالهه جنيوا ۾ پاڪس??ان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته ڪانفرنس جي ذريعي ڪيش، ٽرانسفر ۽ ٻين طريقن سان مدد ڪري سگهجي ٿي، پاڪس??ان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو پاڻ وڃي مشاهدو ڪيو، تازي ٻوڏ سان پاڪس??ان جو وڏو حصو متاثر ٿيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو ته پاڪس??ان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جا منظر ڏسي دل ٽٽي وئي، ٻوڏ سان 80 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا، مشڪل حالت ۾ به پاڪستانين جو جذبو ڏسي حيران ٿي ويس. ان کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن جا ٿورا مڃيا. انتونيو گوتيرس چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پاڪس??ان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آهي، پاڪس??ان جي عوام ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ماحول ۾ ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪس??ان جو حصو هڪ سيڪڙو به نه آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو ذميوار پاڪس??ان هرگز نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪانفرنس ان ڊگهي سفر جي شروعات آهي جنهن کي سڀني کي گڏجي طئي ڪرڻو آهي. پاڪس??ان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي جنيوا ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي ميزباني وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪري رهيا آهن. پاڪس??ان ڪانفرنس ۾ نئين سر تعمير ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي جو فريم ورڪ پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب دوران ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جي اهميت تي زور ڏنو.