سيالڪوٽ – 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته لنڊن ۾ مافيا پنهنجو مال بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اڳواڻ کي بيمار چئ?? ضمانت وٺندڙ انهي اپارٽمينٽ ۾ ڳٺ جوڙ ڪري رهيا آهن، کربن جي اپارٽمينٽ ۾ ويهي عوام جي درد جون ڳال??يو?? ڪري رهيا آهن، انهن جي معاشي پاليسين جي ڪري عوام مشڪلاتن جو شڪار آهي، شريف فيملي ساٿين سميت لنڊن بدران پاڪست??ن ۾ اجلاس ڪري. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف لنڊن اپارٽمينٽس جي ملڪيت کان مسلسل انڪار ڪندو رهيو، سسيلين مافيا چورائيندڙ گاڊ فادر اڄ انهي اپارٽمينٽ ۾ سياس?? اجلاس ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عدالتن کي گهربل ۽ فرار ماڻهو جيڪو قانون جو ڏوهاري ۽ جوابدار به آهي، پاڪست??ن ۾ قانون ۽ عدالتون کيس گهرائي رهيو آهن.