اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ جمعي نماز ۽ صل??اته التوبه ادا ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ جمعي نماز ادا ڪئي. هن جمعي نماز کانپوءِ صل??اته التوبه به ادا ڪئي. صدر الله تعاليٰ کان رحم جي اپيل ڪئي، هن الله تعاليٰ کان پوري دنيا جي لاءِ ڪورونا وائرس مان ڇوٽڪاري جي دعا ڪئي.