اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ کنيل قدمن جي ح??ال?? سان اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ڪڻڪ ۽ اٽي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ح??ال?? سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن کان اجلاس کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي اولين ت??جي?? نه رڳو ڪڻڪ جي ضرورتن موجب وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ آهي پر ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ سندس اولين ت??جي?? غريب طبقي جو تحفظ آهي ته جيئن انهن تي ??ضافي بار نه پوي. وزيراعظم ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ح??ال?? سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن تي ڳالهائيندي هدايت ڪئي ته انهن فيصلن تي ??لد کان جلد عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.