اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي ??زي?? شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري اڪيلا نه آهن، هر پاڪستاني انهن سان گڏ بيٺل آهي، ??زي??اعظم عمران خان ڪشميرين جو سفير هجڻ جي حيثيت سان ڪيس وڙ??ي رهيو آهي، آئون اڄ ڪشميرين سان واعدو ڪريان ٿو ته جيستائين انهن جي قيادت جيلن ۾ آهي آئون انهن جي وڪالت ڪندس. استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي وڊيو پيغام ۾ پرڏيهي ??زي?? چيو ته اڄ آئون هڪ ڀيرو ٻيهر آزاد ڪشمير ۽ والاريل ڪشمير سان تعلق رکندڙ سمورن ڪشميرين کي باور ڪرائڻ چاهيان ٿو ته توهان اڪيلا نه آهيو، هر پاڪستاني توهان سان گڏ بيٺل آهي اسان ??ي توهان جي تڪليفن جو احساس آهي، والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جون خلاف ورزيون ۽ معصوم ڪشميرين تي ڪيل ظلمن کان دنيا بي خبر نه آهي، اڄ دنيا آڏو هندستان جو اصلي چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، ??زي??اعظم عمران خان ڪشميرين جي سفير هجڻ جي حيثيت سان ڪيس وڙ??ي رهيو آهي، آئون اڄ ڪشميرين سان واعدو ڪريان ٿو ته جيستائين انهن جي قيادت جيلن ۾ آهي آئون انهن جي وڪالت ڪندس.