اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان مالديپ جي صدر ابراهيم محمد صالح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي ڪري درپيش مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م عمران خان مالديو پاران ڪوورنا وائرس جي وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ معيشت سم??ت سياحت جي شعبي جي بحالي جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. وزي??اع??م عمران خان مالديپ جي صدر کي پاڪستان ۾ تازي صورتحال بابت بريف ڪيو ۽ ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪ??مت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ حڪ??مت انساني جانين جي تحفظ، ڪاروبار ۽ آمدني جي ذريعن کي محفوظ بڻائڻ ۽ معيشت جي بحالي تي خاص ڌيان ڏنو آهي. وزي??اع??م وڌيڪ چيو ته سمارٽ لاڪ ??ائون جي حڪ??ت عملي ڪامياب رهي آهي ۽ معيشت جا وڏا شعبا ترتيبوار کوليا پيا وڃن. وزي??اع??م عمران خان گلوبل انيشيٽيو آن ڊيٽ رليف جي حوالي سان مالديپ جي صدر کي آگاهه ڪيو جيڪو اسرندڙ ملڪن ۾ ڪورونا وبا جي سخت سماجي ۽ معاشي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. وزي??اع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرندڙ ملڪن جي مالياتي وسيلن ۽ صحت جي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي سهولت ۾ گهٽتائي جي ڪري ڪورونا وبا کان خاص طور تي وڌيڪ متاثر ٿيا آهن ان لاءِ اسرندڙ ملڪن ۾ خاص قدمن جي ضرورت آهي.