اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي اڄ سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوا??ي سان پنهنجي پيغام ۾ چي?? آهي ته پاڪستان پوري دنيا سان گڏجي سياحت جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهي?? آهي جيڪو خوشي جوڳ?? آهي. هلندڙ سال سياحت جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي چونڊيو وي?? آهي. هر سال گڏيل قومن جي عالمي سياحت جي اداري (يو ??ين ڊبليو ٽي او) جي اهتمام هيٺ اهو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جنهن جو مقصد معاشري، ثقافت ۽ ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي تي سياحت جي اثرن جي حوا??ي سان عالمي برادري ۾ آگاهي ۽ شعور اجاگر ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان جهڙن ملڪن جي وڌيڪ آبادي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهي ٿي ۽ هلندڙ سال سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي موضوع تي ملهائجندڙ عالمي ڏهاڙي جي مناسب سان سياحت سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.