گڏي?? قومون – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي حڪوم?? حياتياتي اوسر جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جهنگلي جيوت جي حفاظت لاءِ مقامي آبادي جو تعاون حاصل آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي ان لاءِ حڪومت بل??ن ٽري سونامي پروجيڪٽ جو آغاز ڪيو ويو آهي. گڏي?? قومن ۾ حياتياتي اوسر بابت پا??يدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي حوالي سان بايوڊائيورسٽي ليڊر ورچوئل سمٽ کي خطاب ڪندي وزيراعظم پاڪستان عمران خان بائيو ڊائيورسٽي ليڊر سمٽ جو اهتمام ڪرڻ تي گڏي?? قومن سان ٿورن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو شمار انهن خوش قسمت ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي اتر کان ڏکڻ ۽ اوڀر کان او??هه تائين متنوع آهي، پاڪستان ۾ 12 موسمياتي زونز آهن، ان جو سبب اهو آهي ته اسان وٽ لاهين وارا علائقا موجود آهي، پاڪستان جي اتر ۾ بل??د ترين جابلو سلسلو واقعي آهي جڏهن ته دنيا جي ٻي بل??د ترين چوٽي ڪي ٽو هتي واقع آهي، ان کانسواءِ هتي 2 هزار ڪلوميٽر تي ٻڌل ساحلي پٽي به موجود آهي.