اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکر?? موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 659 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 7 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 33 هزار 901 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 687، پنجاب ۾ 11 هزار 678، خيبرپخت??نخ??ا ۾ 5 هزار 330، اسلام آباد ۾ 4 هزار 985 ، بلوچستان هڪ هزار 29 ، گلگت بلتستان ۾ 518، آز??د ڪشمير ۾ 674 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت ت??ئين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 5 هزار 835 ٿي چڪو آهي، آز??د ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 74 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 421 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 ل?? 21 ??زار 877 آهي.