اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان سٽيزن پورٽل مديني جي رياست طرف هڪ اهم قدم آهي، ان س??ن ادارن، بيوروڪريسي ۽ وزيرن جي ڪارڪردگي جانچڻ ۾ مدد ملي رهي آهي، مقامي ح??وم??ن جي نئين نظام س??ن انقلاب ايندو ۽ عوام جا مسئلا انهن جي پنهنجي شهرن ۾ حل ٿيندا، عوام کي اپيل آهي ته اهي پنهنجو پاڻ کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ان پورٽل کي وڌ کان وڌ استعمال ڪن. پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٽيم جنهن عزم سان هي يونٽ هلايو آهي اها مبارڪباد جي مستحق آهي. هن پورٽل سان عوام کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان هڪ نئين سوچ اڀري. وزيراعظم چيو ته اها بدقسمتي رهي آهي ته جنهن وقت آزادي ملي ته ان ک??ن اڳ هتي ح??وم?? ڪندڙن وانگر اسان جي حڪمرانن جي ذهنيت به نه بدلي. اهي اهو سمجهندا رهيا ته انگريز جي جڳهه انهن وٺي ڇڏي آهي. انگريز ٻئي ملڪ م??ن اچي هتي غلامن تي ح??وم?? ڪري رهيا هئا پنهنجي ملڪ جي شهرين س??ن انهن جو رويو ٻيو جڏهن ته هتي مختلف هو. وزيراعظم چيو ته انگريز جا پنهنجا شهري بااختيار ۽ ٽيڪس ڏيندڙ هئا ان لاءِ انهن کي ٻئي طرز جو رويو درپيش هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سٽيزن پورٽل قائم ڪرڻ مديني جي رياست طرف سفر جو اهم قدم آهي، مديني جي رياست دنيا جي تاريخ ۾ اها پهرين فلاحي رياست هئي جتي ڪمزور، يتيم ۽ ضعيف سڀني جي ذميواري رياست کنئي. بادشاهت ۾ اهڙو رجحان نه هوندو هو پر حڪمرانن کي ماڻهن کان ووٽ وٺڻا هوندا آهن، پاڪستان ۾ به جمهوريت جي ڪري تبديلي آئي آهي، اها ح??وم?? جي ذميواري آهي. انهن جا ڪم ڪرڻ به ح??وم?? جي ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هيستائين 30 لک ماڻهن پورٽل استعمال ڪيو آهي، ان س??ن اسان کي اهو پتو پوي ٿو ته ح??وم?? يا اداري جي خلاف ڪيتريون شڪايتون آهن. وزيراعظم چيو ته سمورا مسئلا مقامي ح??وم??ن جي ناڪامي جي ڪري آهن اسان جيڪو مقامي ح??وم??ن جو نظام آڻي رهيا آهيون ان س??ن انقلاب ايندو، ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي نمائندن جي چونڊ پاڻ ڪندا، دنيا ۾ شهري مسئلا ح??وم?? حل ڪندي آهي، ڪراچي پشاور سميت وڏن شهرن ۾ سڌوسنئون چونڊون ٿينديون ۽ اتي پنهنجون ح??وم??ون ٺهنديُون، انهن جا مسئلا پنهنجي ??هر ۾ ئي حل ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستان جو اثاثو آهن، انهن جون مشڪلاتون ۽ مسئلا سٽيزن پورٽل ذريعي حل ٿي رهيا آهن. هن اوورسيز پاڪستانين کي چيو ته اهي سٽيزن پورٽل جو استعمال وڌ کان وڌ ڪن. وزيراعظم چيو ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ خاص طور تي ٿاڻيدار ۽ اسٽنٽ ڪمشنرن پاران پئسا وٺي ڪم ڪرڻ جو مسئلو درپيش آهي، جيڪڏهن اهي ماڻهو ڪنهن شهري کان رشوت وٺن ٿا ته اهو فوري طور تي سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪري ان کان جواب وٺڻ اسان جو ڪم آهي، ان سان عوام بيوس نه هوندي. وزيراعظم چيو ته وڌيڪ ماڻهو سٽيزن پورٽل جو استعمال ڪن، ان تي ح??وم?? جا هيستائين ڪي به فنڊز ناهن لڳا، ان کي وڌيڪ بااختيار ۽ مضبوط بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته وزيراعظم جي حيثيت س??ن ان سسٽم مان مون کي اهو ڄاڻڻ ۾ آساني رهندي ڪهڙو ادارو يا وزارت ڪم ڪري رهي آهي، ڪهڙو بيوروڪريٽ يا وزير ڪم ڪري رهيو آهي ان سان جزا ۽ سزا جو نظام آسان ٿيندو ۽ ان جو احتساب ڪري سگهنداسين. انهن جي ترقي ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي ۾ آساني ٿيندي. وزيراعظم چيو ته جنهن آفيسر جي ڪارڪردگي هاڻي بهتر نه هوندي ان کي ٻي جاءِ تي مقرر ڪرڻ بدران فارغ ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته سٽيزن پورٽل سان عوام جا اختيار وڌندا ۽ انهن جو آواز ٻڌو ويندو. ان ک??ن اڳ وزيراعظم کي پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. سينيٽر فيصل جاويد اسٽيج سيڪريٽري جا فرض سرانجام ڏنا.