اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته مخالف ڌر استعيفائن جو ڪارڊ وقت کان اڳ کيڏي پنهنجو پا?? کي بند گهٽيءَ ۾ بيهاري ڇڏي?? آهي، پيپلزپارٽي ڪنهن به صورت ۾ صوبي جو اقتدار ن?? ڇڏيندي، مولانا فضل الرحمان گذريل ڀيري جي دوکي جو انتقام وٺڻ جي لاءِ بي تاب آهي، سياسي اداڪار ن??از ??ريف اڳوڻي وزيراعظم جوڻيجو جي پٺ??ءَ ۾ ڇڙو هنيو، غلام اسحاق خان سان گڏجي بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائي، آءِ جي آءِ جي پليٽ فارم تان نواز ??ريف بينظير ڀٽو کي مختلف لقبن سان نوازيو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.