اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) موبائيل ڊيوائس مينو??يڪ??رنگ ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي منظ??ري ڏيندي مقامي سطح تي موبائيل ف??ن جي تياري جي شعبي جي حوصلا افزائي جي لاءِ ريٽيلرز جي لاءِ مينو??يڪ??رنگ تي 4 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي منظ??ري ڏئي ڇڏي آهي، ان کانسواءِ مقامي طور تي موبائيل ف??نز جي تياري تي سيلز ٽيڪس کي ختم ڪرڻ جي اصولي منظ??ري پڻ ڏني وئي جنهن جي لاءِ طريقيڪار ناڻي واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ طئي ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت پاران قرض وٺڻ جي نئين پاليسي 2020ع پيش ڪئي وئي. ان کانسواءِ اجلاس عالمي فنانس ڪارپوريشن پاران پاڪستاني رپئي سان واڳيل بانڊ جاري ڪرڻ جي منظ??ري پڻ ڏني وئي، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي ايجنڊا کي اي سي سي جي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.