اسلام آباد – په??ين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسمگلنگ جي ڪري معيشت کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچي ره??و آهي، اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ت??ين قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسمگلنگ جي روڪٿام بابت قدمن تي اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مددگار شهزاد اڪبر، وزيراعظم جو روينيو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود خان، ڪامرس، پيٽروليم، بحري معاملن ۽ گهرو ڊويزن جي سيڪريٽرين، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.