اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پوري قوم مڇ سانح?? تي ڏکويل آهي، مڇ سانح?? تي سياست نه ڪرڻ گه??جي، ان مسئل?? تي اسان س??ني کي هڪ ٿيڻ گه??جي، وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا ضرور ويندو ۽ مڇ سانحي جي متاثرين سان ملاقات ڪندو، اسان جي پهرين ترجيح آهي ته دهشتگردي جا واقعا آئنده نه ٿين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا دشمن ملڪ ۾ افراتفري جي صورتحال پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن 7 فوجي اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويو، انهن جو ڪنهن برادري سان تعلق نه هو، ان طرح ج?? واقعن جو مقصد صرف ملڪ ۾ خوف ۽ بي يقيني جي صورتحال پيدا ڪرڻ هوندو آهي، ان صورتحال ۾ اسان س??ني کي گڏجي اهو سوچڻ گه??جي ته ان سڄي صورتحال کي ڪهڙي طرح منهن ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪوئيٽا جي علائقي مڇ ۾ ٿيندڙ واقع?? تي وزيراعظم عمران خان ۽ پوري قوم ڏکويل آهي.