اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته گلگت بلتستان جي خوبصورتي قابل ديد آهي، علائقي ۾ امن قائم ٿيڻ جي ڪري گذريل سال 20 لک قومي ۽ ع??لم?? سياحن علائقي جو رخ ڪيو. نلتر ۾ ونٽر اسپورٽس فيڊريشن آف پاڪستان ۽ پاڪ فضائيه جي حصيداري سان جاري ونٽر اسپورٽس جي مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خ??اب ڪندي هن ??يو ته گلگت ايئرپورٽ تي انٽرنيشنل اڏامون شروع ڪر??، علائقي ۾ رستن جي صورتح??ل بهتر بڻائڻ، ٽيلي مواصلات ۽ انٽرنيٽ جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي.