اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل ٽيڪس م??تس?? جي فيصلي جي خ??اف ايف بي آر پاران داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. صدر ايف بي آر کي جعلي ٽي??س ري فنڊ ڪيس ۾ هڪ ڪروڙ 44 لک رپين جي وصولي جو حڪم ڏئ?? ڇڏيو. وفاقي م??تس?? ايف بي آر جي علائقائي آفيسن پاران ريفنڊ جي ادائيگي ۾ ڪيل بي ضابطگين جي خ??اف پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو. وفاقي ٽيڪس م??تس?? ايف بي آر کي جعلي رسيدن جي بنياد تي ادا ڪئي ويندڙ رقم وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. صدر وفاقي ٽيڪس م??تس?? جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي. صدر ايف بي آر پاران جعلي دعوائن ۽ جاچ ۾ ناڪا??ي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايف بي آر جي عملدارن جعلي رسيدن جي بنياد تي 13 – 2012ع ۾ جعلي رجسٽرڊ پرسن کي هڪ ڪروڙ 44 لک کان وڌيڪ ٽي??س ري فنڊ ڪيو، ايف بي آر عهديدارن جي ملي ڀڳت سان رقم واپس ڪئي وئي ۽ ذميوارن جي خ??اف ڪا ڪارروائي نه ٿي.