اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته وزيراعظم عمران خان جو عزم آهي ته ان کي پ??ڪس??ان کي نقصان پهچائيندڙن جو پيڇو ڪرڻو آهي، مهانگائي جي خلاف هن جهاد جو اعلان ڪري ڇڏيو ??هي، شفاف چونڊن جي لاءِ اسان قدم کڻنداسين، معيشت جي استحڪام کانپوءِ ان ??ا ثمر هاڻي غريب عوام کي ملندا، پئسي ۽ ڌوئنس جي سياست ڪندڙ عوام جي مفاد بدران پنهنجي ڪاروبار ۽ ڪرپشن جي ڪيسن ۾ ريليف جي لاءِ ٻيهر اقتدار جو خواب ڏسي رهيا آهن، عمران خان کي اقتدار عزيز نه آهي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ??ه وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ڀرپور ووٽ ورتو، تحريڪ انصا?? جمهوريت تي يقين رکي ٿي، وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي سياست اقتدار ۽ اصولن تي آهي، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سينيٽ ۾ جنرل سيٽ تي پ??سو لڳائي پي ڊي ايم جو اميدوار کٽي ويو ??ه وزيراعظم عمران خان ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو دليراڻو فيصلو ڪيو. هن چيو ??ه پي ڊي ايم ۾ اهي قوتون شامل آهن جن هن ملڪ جي اخلاقي قدرن کي برباد ڪيو هي پ??سي مفادن، ڌوئنس ۽ لالچ تي 1985ع کان سياست ۾ آيا، انهن کي ڪير سڃاڻيندو ئي نه هو، انهن سياست ۾ رشوت، پئسو ۽ مفاد کڻي اهڙي گروهه کي مٿي چاڙهيو ??يڪو پاڪس??ان جي پ??ڙن ۾ ويهي رهيو، ادارن کي کوکلو ڪيو، ميرٽ جو قتلام ڪيو، پئسي جي زور تي پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ انهن جو مشن هو، انهن جي حڪومتن ۾ ملڪ معاشي، اخلاقي، سماجي ۽ جمهوري طور تي ڪنگال ٿيو. اطلاعات واري وزير چيو ??ه پارليامينٽ جو مقصد عوام جي مفادن جو تحفظ آهي، ذاتي مفادن جو نه. هي ٽولو ڪهڙي طرح پنهنجي خلاف قانونسازي ڪندو، انهن پارليامينٽ کي ذاتي مفاد جي لاءِ استعمال ڪيو، اقتدار ۾ اچي انهن اربين رپين جون ملڪيتون ٺاهيون. هڪ پارٽي روٽي، ڪپڙا، م??ان جو نعرو لڳايو ??ڏهن ته ٻئي طرف نواز شريف ۽ سندس حواري آهن جن جي ڪرپشن جا داس??ان عام آهن. انهن سياست کي ڪاروبار جي لاءِ استعمال ڪيو. انهي سوچ ۽ طرزعمل وارن کي پ??ڻ سان گڏ آندو جيڪي جمهوري عمل کي استعمال ڪندي ذاتي مفاد کڻندا رهيا. هن چيو ??ه 1997ع ۾ پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ۾ ڪا سيٽ نه هئي، 2001ع ۾ هڪ جڏهن ته 2008ع جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو، 2013ع ۾ خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهي، 2018ع ۾ وفاق ۾ پي ٽي آءِ کي اڪثريت ملي جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي عوام ڪارڪردگي بنياد تي ٻيهر چونڊيو، اڄ 2021ع ۾ سينيٽ ۾ به تحريڪ انصاف وڏي پ??رٽي بڻجي سامهون آئي آهي.