اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي ?? سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبن سان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو، ٻنهي منصوبن ۾ ماحوليات جي تحفظ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي ا??بن سٽي منصوبي ?? سينٽرل بزنس ڊيولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي راوي سٽي منصوبي تي هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته راوي سٽي منصوبي ۾ 5400 ايڪڙ زمين حاصل ڪئي وئي آهي جنهن جي مد ۾ ايوارڊ جو پڻ اعلان ڪي?? ويو آهي. اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته راوي سٽي منصوبي تائين آسان پهچ جي لاءِ 17 ڪلوميٽر رستو ت??مير ڪي?? ويندو. ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته راوي سٽي ۾ 450 ايڪڙ زمين کي ايگري فارمز جي لاءِ رکي?? ويو آهي، راوي سٽي ۾ سيڙڪاري جي لاءِ ناليواري سيڙپڪار ڪمپنين پاران دلچسپي جو اظهار ڪي?? ويو آهي جنهن تي غور ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي لاهور ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ قائم ڪرڻ جي منصوبي ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۾ ماحوليات جي تحفظ جي لاءِ 10 هزار وڻ لڳايا ويندا، هن وقت ان علائقي ۾ رڳو 1390 وڻ آهن، ان حوالي سان هڪ ٽري ميٽر قائم ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ لڳاي?? ويندڙ هر وڻ جي داخلا ٿيندي.