اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان فلسطين جي م??ئلي تي وا??ح موقف اختيار ڪيو آهي، مسلمان امت ۾ فلسطين جي صو??تح??ل تي تمام گهڻي بي چيني آهي، پاڪستان پهريون اسلامي ملڪ آهي جنهن فلسطين جي م??ئلي تي تمام گهڻو سخت ۽ وا??ح موقف اختيار ڪيو، پاڪستان جي موقف کي پوري م??لمان امت تسليم ڪري ٿي، فلسطين کي ميڊيڪل ايمرجنسي جي صو??تح??ل درپيش آهي، پاڪستان فلسطين جي امداد ڪندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت چار مسلمان ملڪن جا پرڏيهي وزير گڏجي نيويارڪ ويندا، راولپنڊي رنگ روڊ کي اٽڪ رنگ روڊ بڻايو ويو، منصوبي جي الائنمينٽ جي تبديلي تي وزيراعظم جاچ جو حڪم ڏنو، الائنمينٽ تبديل ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، رپورٽ ۾ غلام سرور خان ۽ ذوالفقار عباس بخاري جو ذڪر نه آهي، ذوالفقار عباس بخاري جاچ مڪمل ٿيڻ تائين پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني، اينٽي ڪرپشن ۽ لاڳاپيل ادارا معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪندا، شفاف چونڊن جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين لازمي آهي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تي پنهنجي پوزيشن واضح نه ڪري رهيون آهن، تحريڪ انصاف اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 70 سال جي موقعي تي 70 رپين جو يادگاري سڪو جاري ڪرڻ ۽ ميسرز فلائي جناح سروسز لميٽيڊ کي ريگيولر پبلڪ ٽرانسپورٽ لائيسنس (پيسنجر اينڊ ڪارگو) ڏيڻ جي منظوري ڏني. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.