اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ عمل جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽن?? مشين جلد تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي چونڊ عمل آسان ۽ ان تي عوام جو اعتماد وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، لاڳاپيل ادارا ووٽن?? مشين جي جلد تياري لاءِ ٽائيم لائنز طئي ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪٽرانڪ ووٽن?? مشين بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اعظم خان سواتي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي يوفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو سيڪريٽري نديم ارشاد ڪياني، نادرا جي وقت چيئرمين خالد لطيف، آءِ ٽي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل خضر عزيز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مقامي طور تي تيار ڪيل جديد سيڪيورٽي خاصيتون رکندڙ ووٽن?? مشين جي تياري جي سلسلي ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران اليڪٽرانڪ ووٽن?? مشين جي نموني جي تياري جي باري ۾ اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي صدر چيو ته چونڊ عمل جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽن?? مشين جلد تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.