اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊون 2023ع ۾ آءِ وٽنگ سان اوورسيز پاڪستانن کي ووٽ ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ رجسٽريشن جلد شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني رڪارڊ مٽاسٽا جي ناڻي سان ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پرڏيهي پاڪستانين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب اڃان تائين ووٽ وجهڻ جي سهولت ناهي ملي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ووٽنگ جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽي??نالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير سيد امين الحق، سائنس ۽ ٽي??نالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ، سائنس ۽ ٽي??نالاجي واري وفاقي س??ڪر??ٽري نديم ارشد ڪياني، انفارميشن ٽي??نالاجي ۽ ٽيلي ڪميون??ڪش?? واري وفاقي وزير س??ڪر??ٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، نادرا جي وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف، ڊي جي آءِ ٽي اي سي پي خضر عزيز ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته توهين عدالت کان بچڻ لاءِ چونڊن ۾ آءِ ووٽنگ سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شرڪت يقيني بڻائڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو ماضي ۾ عدالت ان حوالي سان هدايتون ڏئي چڪي آهي، لاڳاپيل ادارا انفارميشن ٽي??نالاجي ۽ ٽيلي ڪيمونيڪيشن واري وزارت، سائنس ۽ ٽي??نالاجي واري وزارت، نادرا ۽ ٻاهرين ملڪ مشنز، ال??ڪش?? ڪميشن جي منظوري کانپوءِ تقريبن 90 لک اوورسيز پاڪستانين جي رجسٽريشن لاءِ انتظام ڪري هن سائنس ۽ ٽي??نالاجي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته هو موقف کي ثبوت جي طور تي اي سي پي کي بريفنگ لاءِ پروٽوٽائيپ اي وي ايم ٺاهي ته جيئن حتمي اي وي ايم ال??ڪش?? ڪميشن پاران بهتر خصوصيتن موجب بڻائي سگهجي، هن چيو ته چونڊ سڌارن جو عمل ال??ڪش?? ڪميشن جو مينڊيٽ ۽ بنيادي ذميداري آهي.