اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سان ??اڻ?? واري وزير شوڪت فياض ترين ملاقات ڪئ??. ن??ڻي واري وزير و??ير??عظم کي ڪامياب پاڪستان پروگرام تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ڪامياب پاڪستان پروگرام نه رڳو نوجوانن کي آسان قسطن تي قرض جي فراهمي سان پنهنجو روزگار فراهم ڪندو پر وچولي طبقي کي پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ لاءِ به قرض فراهم ڪندو. ان کانسواءِ آبادگارن جي مالي مدد جنهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مشينري کي حاصل ڪرڻ لاءِ قرض به شامل آهي سان زراعت جي شعبي ۾ به ن??ايان ترقي ممڪن ٿي سگهندي، و??ير??عظم ڪامياب پاڪستان پروگرام تي اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته اهو پاڪستان جي تاريخ جو پهريو اهڙو پروگرام آهي جيڪو ماڻهن کي روزگار، پنهنجو گهر ۽ زرعي مشينري حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. ان سان نه رڳو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا پر معيشت تي مثبت اثر پوندا.