دوشنبي – 16 211; ??يپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ ڪا??وبار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته خطي جي ملڪن خاص طور تاجڪستان جا سيڙپڪار انهن موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، علائقائي ۽ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان ج?? حڪومت هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، جنهن سان نه رڳو معيشت پر عوام کي به فائدو پهچندو، هن اها ڳالهه پاڪستان تاجڪستان بزنس فورم سان خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي واپ??ر وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به وزيراعظم سان گڏ هو، ٻطرفو واپ??ر وڌائڻ جي حوالي سان اهميت رکندڙ فورم واپ??ر واري وزارت، سيڙپڪاري بورڊ ۽ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ج?? تعاون سان منعقد ٿيو، فورم ۾ 67 پاڪستان جڏهن ته 150 تاجڪ ڪمپنيون شريڪ ٿيون، فورم ۾ شريڪ ڪمپنين ج?? تعلق ٽيڪسٽائيل، چمڙي جي صنعت، فارماسيوٽيڪل، ايگريڪلچر، مائننگ، ٽوئرازم، لاجسٽڪس جي شعبن سان آ??ي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کان 67 ڪمپنيون تاجڪستان آ??ون آ??ن، ٻنهي ملڪن ج?? واپارين کي سهولتون ڏيڻ بابت قدم کنيا ويندا ۽ ڪا??وباري ۾ آساني پيدا ڪئي ويندي، تاجڪستان ۾ توانائي خاص طور تي پن بجلي جي حوالي سان تمام گهڻا موقعا موجود آهن، بدقمستي سان پاڪستان ۾ بجلي مهانگي آهي، اسان صاف، سستي پن بجلي مان فائدو وٺڻ جا خواهشمند آهيون، ڪا??ا 1000 منصوبي تي ڪم تيز ٿيڻ گهرجي، منصوبي جي جلد پڄاڻي چاهيون ٿا، 80 ملين ڊالر جو گڏيل واپار ٻنهي ملڪن ج?? حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهي، حڪومت ڪا??وبار لاءِ مناسب سهولتون فراهم ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون ۽ ڪا??وبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون وينديون، وزيراعظم چيو ته ٻطرفي واپار سان نه رڳو معيشت پر عوام کي به فائدو پهچندو، افغانستان ج?? صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 40 سالن ج?? جنگ کانپوءِ امن قائم ٿيو آهي. جامع حڪومت جي قيام سان پاڻ ۾ رابطا وڌندا، بزنس فورم ۾ سوالن ۽ جوابن ج?? ويهڪ به ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ واپ??ر واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ڪا??وباري شخصيتن ج?? سوالن جا جواب ڏنا ۽ پاڪستان ۽ خطي ۾ ڪا??وباري موقعا اجاگر ڪيا ويا.