اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??هب??ز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??هب??ز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ ??ي مولانا فضل الرحمان جي شاندار آجيان ڪئي. مولانا فضل الرحمان ??هب??ز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته توهان جي قيادت ۾ گڏيل دانش ۽ ڪوشش ملڪ ۽ قوم کي مشڪل مان ڪڍيو آهي. وزيراعظم ??هب??ز شريف مولانا فضل الرحمان کي خراج تحسين پيش ڪيو. مولانا فضل الرحمان وزيراعظم ??هب??ز شريف جي عوامي خدمت ۽ مسئلن جي حل جي جذبي ک?? ساراهيندي چيو ته توهان ايندي ئي قوم کي ڏيکاري ڇڏيو آهي ته ان جو خادم ڪيئن ڪم ڪندو آهي. هن وزيراعظم کي يقيني ڏياريو ته ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ اسان جو ڀرپور تعاون ۽ مدد توهان سان گڏ آهي ۽ رهندي. ٻنهي اڳواڻن اهم سياسي معاملن ۽ ڪابينا جي جوڙجڪ بابت معاملن تي مشاورت پڻ ڪئي.