اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اقتصادي، واپا??ي ۽ سيڙپڪاري جي مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ قانوني لڏپلاڻ سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب يورپي يونين جي پاڪستان ۾ وفد جي ناظم الامور ٿامس سيلر وزيراعظم سان مل??قا?? ڪئي. ناظم الامور شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو ??هدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي يورپي ڪائونسل جي صدر ۽ يورپي يونين جي صدر پاران نيڪ خو??هشون پهچايون. وزيراعظم ناظم الامور پاران مبارڪباد جي پيغام تي سندن ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ يورپي يونين ۽ ان جي ميمبر ملڪن جي وچ م لاڳاپن جي اهميت تي روشني وڌي. وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اقتصادي، واپا??ي ۽ مضبوط سيڙپڪاري لاڳاپا آهن، جن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ موسمياتي ۽ ليگل مائيگريشن سميت مخلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻنهي طرفن جي اعليٰ سطح جي وفدن جي ب??قا??دگي سان مٽاسٽا ٿئي ته جيئن خطي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام سان لاڳاپيل معاملن جي ڏس ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ گهرو ۽ گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي. يورپي يونين جي ناظم الامور يورپي يونين جي پاڪستان سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ع??م جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين هلندڙ سال پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 60 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۽ برسلز ۾ تقريبون منعقد ڪيون وڃن.