اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) ايراني سفارتخاني ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث عنصرن جي ايران ۾ ممڪن رابطن جي الزامن جي حوالي سان ڪجهه پاڪستاني صحافين پاران پڇيل سوالن تي ردعمل ۾ چيو آهي ??ه ڪنهن ثبوت ۽ دستاويزي شهادتن کانسواءِ اهڙي قسم جا الزام غيرپيشيواراڻا ۽ ناقابل قبول آهن ۽ انهن جو مقصد پاڪستان ۽ ايران جي ڀائراڻن لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ آهي. ايراني سفارتخاني پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ??نا ڪنهن شڪ ??ي هڪ ٽئين ڌر پاڪستان ۽ ايران جي ??چ ۾ ڀائراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي خراب ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪستان ۽ ايران جي ويجهي لاڳاپن جي دشمنن جي فريب ۾ نه اچڻ گهرجي. بيان ۾ ميڊيا تي زور ڏنو ويو آهي ته ??ها مستندد ۽ باضابطا ذريعن کان ملندڙ معلومات تي ڀروسو ڪري.