اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪشمير مسئلي کي منظم انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 25 هين جنوري کان قومي ۽ عالمي سطح تي مختلف تقريبن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته چئلينجن جي باوجود پاڪستان ڪشميرين جو ڪيس عالمي سطح تي موثر انداز ۾ وڙهندو رهندو، ڀارت ڪشمير جي گڏيل حل کان ڀڄڻ چاهي ٿو، ڀارت جي سمورين ڪوششن باوجود ڪشمير مسئلو ٻه ڀيرا سلامت?? ڪائونسل ۽ ٻه ڀيرا آمريڪ?? ڪانگريس ۾ ??حث هيٺ آيو، ڀارت طرفان جعلي آپريشن جو به خدشو آهي، ڀارت پوري خطي کي خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ جي ڀارتي هڪطرفي قدم کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ 80 لک کان وڌيڪ ڪشميري قيد آ??ن، خطي جي امن کي داءُ تي لڳايو پيو وڃي، 175 ڏينهن کان ڪشمير ۾ ڪرفيو جاري آهي ۽ سمورا بنيادي انساني حق معطل آ??ن، هن چيو ته 5 آگس?? کانپوءِ اسان سنجيدگي سان ڏٺو ته حالتون تيزي سان بگڙجي رهيون آ??ن، ڀارت پوري ڪوشش ڪئي ته معاملو سلامت?? ڪائونسل ۾ ??حث هيٺ نه آڻي سگهجي پر 50 سالن کانپوءِ اسان ان مسئلي کي سلامت?? ڪائونسل کڻي ويا??ين ۽ موجوده حڪومت جي ڪوششن سان ڪشمير جو تڪرار سلامت?? ڪائونسل ۾ ٻه ڀيرا ۽ آمريڪ?? ڪانگريس ۾ به ٻه ڀيرا ??حث هيٺ آيو.