لاهور – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انسانيت جي خدمت ڪندڙ ماڻه?? تمام عظيم آهن، هتي اچي خبر پئي ته فائونٽين ه??ئوس دنيا جي بهترين ادارن مان هڪ آهي، اهڙي طرح جي ادارن ۾ اچي دلي سڪ??ن ملي ٿو ۽ حقيقي خوشي ملي ٿي، معاشري جي محروم ماڻهن کي ڪارائتو شهري بڻائڻ تمام وڏي خدمت آهي، دنيا ۾ 30 کان 40 سيڪڙو ماڻهو ڊپريشن جو شڪار آهن، ڪوشش آهي ته هڪ ڪال سينٽر قائم ڪريان جتي ڊپري??ن ۽ نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ماڻهن کي فون ڪالز ذريعي سڪ??ن ۽ آرام حاصل ڪرڻ بابت مشورا ڏنا وڃن، ڊبليو ايڇ او جي طرز تي اسلام آباد ۾ اسڪول ٽيچرز جي مدد سان ٻارن ذريعي ڊپريس والدين جو علاج ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيون. هو فائونٽين ه??ئوس ۾ ورلڊ سائيڪاٽرڪ ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ آٽزم اينڊ چائلڊ سائيڪاٽري ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.