اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پارلياماني ڪميٽي ڪرونا وائرس جي وبا بابت مانيٽرنگ ۽ نگراني جو ڪم ڪندي، حڪومت پارلياماني ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد ڪرڻ کي ورجايو آهي. ڪرونا وائرس جي وبا جي معا??لي تي قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ه?? چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ صحت کاتي پارلياماني ڪميٽي کي مڪمل بريف ڪيو آهي، مخالف ڌر ۽ حڪومت سموريون تجويزون ڏئي ڇڏيون آهن جيڪي خوش آئنده آهن، خميس تي ايندڙ اجلاس ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال تي غور ٿيندو، لاڪ ڊائون جي وڌيڪ وڌڻ جي صورت ۾ اڳتي جي حڪمت ع??لي طئي ڪنداسين، ملڪي معيشت تي پوندڙ اثرن جو پڻ جائزو ورتو ويندو.