اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپر??شن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو ويو ته هن وقت پوري ملڪ ۾ 631 سمارٽ لاڪ ڊائون موجود آهن، ٽيست، ٽريڪ ۽ ڪوارنٽئين (ٽي ٽ?? ڪيو) حڪمت عملي شروع ڪرڻ کانپوءِ هيستائين ٽيسٽنگ جي صلاحيت ٻيڻي ٿي وئي آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او س?? ۾ ??عليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ عيدالفطر جي ايس او پي، ڪورونا وائرس جي صورتحال، ٽي ٽ?? ڪيو اپ ڊيٽ ۽ مواصلات جي حڪمت عمل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.