اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو تمام اهم فيصلو آيو آهي، حڪومت ان فيصلي مان مطئمن آهي. اهو بهتر فيصلو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ حڪومتي موقف بابت آگاهه ڪري رهيا آهيون، احتساب واري خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته سپريم ڪورٽ جو تمام اهم فيصلو آيو آهي، آرٽيڪل 9 تحت ٽن طريقن سان ڪنه?? جج بابت سوال اٿاري سگهجي ٿو، پهريون طريقو ڪو به شخص سپريم جڊيشل ڪ??ئونسل کي معلومات ڏئي سگهي ٿو. ٻيو طريقو حڪومت پاران صدر ريفرنس موڪلي سگهي ٿو. ٽيون طريقو سپريم جڊيشل ڪ??ئونسل پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي.