اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستاني معيشت جي لاءِ وڌيڪ بهترين خبرون ملڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ?? وزيراعظم عمران خان چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين طرفان جولاءِ 2020ع ۾ موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو 2768 ملين ڊالر تائين پهچي ويو آهي جيڪو ملڪي تاريخ ۾ هڪ مهيني ۾ موڪليل سڀ کان وڌيڪ سرمايو آهي. اهو مٽاسٽا جو ناڻو جون 2020ع جي ڀيٽ ?? 12.2 سيڪڙو جڏهن ته جولاءِ 2019ع جي ڀيٽ ?? 36.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي.