اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا ان?? اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪالهه آچر ڏينهن اين سي او سي پاران جاري ڪيل ان??ن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 640 مريضن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي ۽ هڪ مريض اسپتال ۾ فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ 19 جا 34 هزار 544 ٽيسٽ ڪيا ويا ج?? مان سنڌ ۾ 14 هزار 502، پنجاب ۾ 12 هزار 23، خيبرپختونخواهه ?? 2 هزار 640، ا??لام آباد ۾ 3 هزار 210، بلوچستان ۾ هڪ هزار 320، گلگت بلتستان ۾ 382، آزاد ڪشمير ۾ 467 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو ان?? 2 لک 92 هزار 303 ٿي چڪو آهي. آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 106 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسن جو ان?? 6 هزار 952 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو ان?? 3 لک 5 هزار 671 آهي ج?? مان آزاد ڪشمير ?? 2 هزار 517، بلوچستان ۾ 14 هزار 269، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 450، ا??لام آباد ۾ 16 هزار 124، خيبرپختونخواهه ۾ 37 هزار 317، پنجاب ۾ 98 هزار 368 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 33 هزار 626 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو ان?? 6 هزار 416 آهي ج?? مان سنڌ ?? 2 هزار 459، پنجاب ?? 2 هزار 226 فوتگيون، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 258، ا??لا آباد ۾ ڪل 180 فوتگيون، بلوچستان ۾ 145، گلگت بلتستان ۾ 81 فوتگيون ٿيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 67 فوتگيون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جا 31 لک 60 هزار 924 ٽيسٽ ڪيا ويا. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 735 اسپتالن ۾ 837 مريض علاج هيٺ آهن.